اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي ??زي?? بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي عالمي سطح تي مڃيل ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ ۽ پنهنجي غيرقانوني قبضي هٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا. استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ٽي سالن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائين اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تبديلين کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪڌن منصوبن تي مسلسل عمل ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ??زي?? چيو ته ڀارت اهڙا جابراڻا قدم کڻي رهيو آهي جنهن تحت والاريل ڪشمير ۾ مسلمان اڪثريت جي قيمت تي هندو اڪثريتي تڪ ٺاهيا ويا، غيرڪشميرين کي لکين جعلي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا ۽ زمين ۽ ملڪيت بابت قانونن ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن. هن چيو ته اهي قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردان ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي ??انونن جي خلاف ورزي آهي ۽ اها ڪشميرين جي جدا سُڃاڻپ کي ختم ڪرڻ جي ڀارتي ڪوشش کانسواءِ ڪجهه نه آهي. پرڏيهي ??زي?? چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 9 لک ڀارتي فوجين جي موجودگي ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان ??ڏي عسڪري زون ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته عدالت کان ??ٿانهين قتل، نظربندين، حقيقي ڪشميري قيادت کي قيد ۽ هراسان ڪرڻ سميت ا??سا??ي حقن جي ٻين سنگين خلاف ورزين ذريعي ڪشميرين جي ا??سا??ي مصيبتن کي بهتر طريقي سان دستاويزي شڪل ڏني وئي آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جي مذمت ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ??زي?? بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان ??يستائين 650 کان ??ڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن، هلندڙ سال 130 کان ??ڌيڪ ڪشميري شهيد ڪيا ويا آهن.