اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ??نا رباني کر سان انڊونيشيا جي سفير آدم توڪيو ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ??نا رباني ملاقات ۾ انڊونيشيا سان پاڪستان جي ڀائراڻن ۽ تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻا??ڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون کي وڌائن، گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ سميت اعليٰ ??طحي دورن ۽ رابطن کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.