لاهور – 20 – جون (اي پي پي) لاهور جي احتساب عدالت رمضان شگر ملز ريفرنس ڪيس ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر، وزير??عظ?? شهباز شريف پاران مستقل حاضري کان ڇوٽ جي ڏنل درخواست منظور ڪري ورتي، عدالت ??زير??عظ?? شهباز شريف کي پيشي کان مستقل ڇوٽ ڏئي ڇڏي، احتساب عدالت ??مبر 5 جي جج محمد ساجد علي اعواڻ رمضان شگر ملز ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وزير??عظ?? شهباز شريف عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ پنهنجي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي، جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز پاران بجيٽ سيشن جي مصروفيتن جي ڪري هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي جنهن کي عدالت ??نظور ڪري ورتي. وزير??عظ?? شهباز شريف ٻڌڻي دوران عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته چنيوٽ ۾ نالي جي تعمير مقامي ايم پي اي جي درخواست تي ڪئي وئي جنهن جي لاءِ صوبائي ڪابينا جي منظوري به ورتي وئي هئي، مون پنجاب جي وڏي وزير جي طور تي سدائين عوامي ڀلائي کي ترجيح ڏني آهي، ڪمند جي قيمت مقرر ڪندي شوگر ملن بدران آبادگارن جي مفادن کي نظر ۾ رکيو ويو، وزير??عظ?? شهباز شريف چيو ته جڏهن به عدالت گهرايو مون پنهنجي پيشي کي يقيني بڻايو، ڇاڪاڻ جو اهو منهنجو فرض به ??هي ۽ ذميداري به، هاڻي منهنجي ڪلهن تي وڏي ذميداري آهي، قومي ذميدارين جي ادائيگي لاءِ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني آهي، وڪيل امجيد پرويز دليل ڏ??ندي چيو ته شهباز شريف جڏهن ٻاهرين ملڪ ويو ته حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني، 23 مارچ تي وزير??عظ?? شهباز شريف واپس آيو ۽ عدالت ۾ پيش ٿيو، امجد پرويز عدالت کي درخواست ڪئي ته وزير??عظ?? شهباز شريف کي عدالت ۾ پيشي تي حاضري کان مستقل ڇوٽ ڏني وڃي. نيب پراسيڪيوٽر شهباز شريف جي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته گذريل درخواست تي ميڊيڪل گرائونڊ ورتا ويا ۽ علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ ويو هاڻي صرف ان ڳالهه تي درخواست داخل ڪئي وئي ??هي ته شهباز شريف پاڪستان جو وزير??عظ?? آهي، عدالت ??زير??عظ?? شهباز شريف جي ڇوٽ لاءِ ڏنل درخواست رد ڪري. عدالت ??زير??عظ?? شهباز شريف جي حاضري مڪمل ڪئي ۽ وزير??عظ?? کي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ شهباز شريف جي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، عدالت ڪجهه دير کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي حاضري کان مستقل معافي جي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ وزير??عظ?? شهباز شريف کي پيشي کان مستقل طور تي ڇوٽ ڏئي ڇڏي. عدالت بريت جي درخواست تي وڪيلن کان وڌيڪ دليل گهرندي ٻڌڻي 25 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.