اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مخالف ڌر ناڪام آه??، اها پهرين به ناڪام ٿي هاڻي به ناڪام ٿيند??، ان جي ايجنڊا رڳو پنهنجي ڦرلٽ ۽ چوري ک?? بچائڻ آهي، ??خالف ڌر وٽ نمبر پورا نه آهن، شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري فالودي واري، ??اپڙ واري ۽ مقصود چپڙاسي جهڙن ڪردارن ک?? بچائڻ چاهين ٿا. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوام سان انهن جو ڪو به تعلق نه آهي. عوام جي لاءِ انهن جي ڪا به جدوجهد نه آهي، 40 سالن کان اهي ملڪ کي ڦريندا رهيا آ??ن، هاڻي به هو اهڙي طرح جي بليڪ ميلنگ ڪري رهيا آ??ن، اسان نه اڳ ۾ مخالف ڌر کان بليڪ ميل ٿيا آ??يون ۽ نه هاڻي انهن کان بليڪ ميل ٿينداسين لکي وٺو. انهن کي ناڪام ٿيڻو آهي، ??زيراعظم عمران خان جي سڄي صورتحال تي گهري نظر آهي ۽ فيصلا به ڪندو، جنهن جو نظريو ڦرلٽ ۽ ڪرپشن جو پئسو بچائڻ هجي ان مخالف ڌر مان حڪومت کي ڪو به خطرو نه آهي، ??ي ٽي آءِ جي ميمبرن جا خدشا ختم ڪ??داسين. اهي اڳ ۾ به عمران خان سان گڏ هئا ۽ هاڻي به گڏ آهن. موقف سان اختلاف ٿي سگهي ٿو اسان سڀني جو موقف ٻڌنداسين ۽ خدشن کي ختم ڪ??داسين. وقت ايندو ته مخالف ڌر جي حمايت ڪندڙ اميدوارن جو انگ سامهون اچي ويندو.