اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ثقافتي لحاظ کان گهڻ رخو ملڪ آهي جيڪو هندوئن، عيسائين سميت مختلف مذهبي اقل??تن جو گهر آهي جتي اهي سمورا ماڻهو پرامن طريقي سان رهي رهيا آهن ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڀارت ۾ اقل??تن کي بدترين مذهبي امتياز ۽ عدم برداشت درپيش آهي جيڪو افسوس جوڳو آهي، اسان جي حڪومت اسلام جي حقيقي پيغام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪئي آهي. وزيرا??ظم ميڊيا آفيس پاران ملندڙ پريس رل??ز موجب وزيرا??ظم عمران خان ڪينٽربري جي آرچ بشپ سان ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم ان موقعي تي بين المذاهب هم ??هنگي، مذهبي برداشت ۽ مختلف مذهبن جي ماڻهن جي وچ ۾ تعلق جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيرا??ظم پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل اقل??تن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ثقافتي لحاظ کان گهڻ رخو ملڪ آهي ۽ اهو هندوئن ۽ عيسائين سميت مختلف مذهبي اقل??تن جو گهر آهي ۽ اهي سمورا ماڻهو هتي پرامن طريقي سان رهي رهيا آهن ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ اقل??تن خاص طور تي مسلمانن کي بدترين قسم جي مذهبي امتياز ۽ عدم برداشت جو نشانو بڻايو پيو وڃي. وزيرا??ظم آرچ بشپ کي ٻڌايو ته سندس حڪومت اسلام جي حقيقي پيغام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪئي آهي جيڪا اسلام جي حقيقي پيغام کي فروغ ڏيندي جيڪا بين المذاهب هم ??هنگي ۽ انسانيت جي پرامن گڏيل بقاءَ تي يقين رکي ٿي. آرچ بشپ ان موقعي تي چيو ته مذهبي رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ وقت جي ضرورت آهي. ان کان اڳ آرچ بشپ جسٽن ويليبي پشاور جي آل سينيٽس چرچ ۾ آچر ڏينهن ميڙ ۾ شرڪت ڪئي ۽ امن ۽ مذهبي هم ??هنگي جو پيغام ڏنو.