اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محم??د قريشي چيو آهي ته دنيا فوري ڌيان نه ڏنو ته افغانستان ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو، افغانستان ۾ معطل بئنڪنگ سسٽم فوري بحال ??رڻ جي ضرورت آهي. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي حوالي س??ن پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان نازڪ صورتحال ۾ ورتل آهي، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. دنيا فوري ڌيان نه ڏنو ته افغانستان ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ڪانفرنس دنيا جو ڌيان افغانستان تي ڇ??رائڻ جي لاءِ تمام اهم آهي. دنيا کي افغانستان جي زميني حقيقتن کان آگاهه هجڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪانفرنس ۾ افغان نمائندا به پنهنجو موقف پيش ڪندا. شاهه محم??د قريشي خبردار ڪيو ته پناهگيرن جو بحر??ن پيدا ٿيو ته ايران تائين محدود نه رهندو، دنيا جي مفاد ۾ آهي ته افغانستان جي صورتحال نه بگڙي، نه ته پناهگير روزگار جي لاءِ يورپ جي دروازن تي به دستڪ ڏيندا. هن چيو ته هن وقت افغانستان ۾ جنگ نه ٿي رهي آهي، بک جو مسئلو آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ معطل بئنڪنگ سسٽم فوري بحال ??رڻ جي ضرورت آهي. بئنڪنگ سسٽم فعال نه ٿيو ته سڄي دنيا مان افغاني پئسا ڪيئن موڪليندا، افغان عبوري حڪومت وٽ پگهارون ڏيڻ جي لاءِ پئسا نه آهن. افغانستان جي پنهنجي وسيلن کي منجمند ڪيو ويو آهي.