اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته او آءِ سي جي پ??ڏي??ي وزيرن جو غير معمولي اجلاس افغانستان جي لاءِ فوري انساني ۽ اقتصادي امداد ??ي ضرورت تي ڌيان ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اها ڪانفرنس اسان جي افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڀلائي لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم جو عڪاس آهي، معيد يوسف چيو ته اسان اجلاس کي ڪامياب بڻائڻ ۾ سمورن مسلمان ملڪن، سهڪاري ملڪن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن جو ٿورو ادا ڪريون ٿا. هن ڪانفرنس جي ڪامياب انعقاد ??ي پ??ڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پرڏي??ي وزارت جي سموري ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪئي.