اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي لاءِ هن طالبان سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ٺوس حڪومت پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ضامن هوندي جيڪا رڳو افغانستان ئي نه پر خطي جي به مفاد ۾ آهي. هن اها ڳالهه ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽس ۾ چئي آهي. وزيراعظم چيو ته دو??نب?? ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتن خاص طور تي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان ڊگهي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ هن هڪ شموليتي حڪوم?? جي لاءِ تاجڪ، هزاره ۽ ازبڪ برادري جي افغان حڪومت ۾ شمولي?? جي لاءِ طالبان سان ڳالهين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم چيو ته 40 سالن جي ويڙهه کانپوءِ (انهن ڌڙن جي اقتدار ۾) شموليت هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ضامن هوندي جيڪا رڳو افغانستان ئي نه پر خطي جي به مفاد ۾ آهي.