اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي افغانستان جي حوالي سان يورپي يونين جي قراردادن ۾ پا??ست??ن بابت منفي ۽ غيرمنطقي حوالن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙي قسم جا غيرمنطقي حوالا پا??ست??ن ۽ ي??رپي يونين جي گڏيل لاڳاپن سان هڪ جهڙائي نه ٿا رکن ۽ اهو امن جي فروغ لا??ِ پا??ست??ن جي ڪوششن کي نظرانداز ڪرڻ جي برابر آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پا??ست??ن تمام گهڻو مالي ۽ جاني نقصان برداشت ڪيو آهي. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه جوزف بوريل سان ملاقات دوران چئي. ڳالهه ٻولهه دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ نه رڳو پا??ست??ن پر پوري خطي جي امن ۽ استحڪام جي لا??ِ لا??مي آهي. انساني ۽ معاشي بحران جي نظر ايندڙ خطري جي ڏس ۾ عالمي برادري کي افغانستان جي معاونت کي جاري رکڻو پوندو. پرڏيهي وزير يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه کي ٻين يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيندڙ رابطن کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير افغانستان جي حوالي سان يورپي يونين جي قرارداد ۾ پا??ست??ن بابت منفي حوالن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اهڙي قسم جا غيرمنطقي هوالا پا??ست??ن ۽ ي??رپي يونين جي گڏيل لاڳاپن سان هڪ جهڙائي نه ٿا رکن ۽ امن جي فروغ لا??ِ پا??ست??ن جي ڪوششن کي نظرانداز ڪرڻ جي برابر آهي. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان مان مختلف ملڪن جي سفارتڪارن ۽ ٻين عملدارن جي محفوظ انخلا کي يقي??ي بڻائڻ جي لا??ِ پا??ست??ن ڀرپور معاونت ڪئي. ٻطرفن لاڳاپن جي ڏس ۾ پرڏيهي وزير پا??ست??ن ۽ ي??رپي يونين جي وچ ۾ تعاون جي نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي پا??ست??ن ۽ ي??رپي يونين جي وچ ۾ سياسي ۽ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جلد منعقد ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير ۽ ي??رپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه افغانستان تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لا??ِ گڏجي ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.