اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ٻاهرئين مل?? رهندڙ پاڪستاني پورهيتن جي مهرباني جن آگسٽ 2021ع ۾ 2.7 بلين ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو موڪليو جيڪو گذريل س???? آگسٽ ۾ 2.1 بلين ڊالر جي مٽاسٽا جي ناڻي جي مقابلي ۾ 27 سيڪڙو اضافو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته هلندڙ سال جي پهرين 2 مهينن جولاءِ آگسٽ ۾ ٻاهرئين مل?? رهندڙ پاڪستاني شهرين مجموعي طور تي 5.4 بلين ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو موڪليو جيڪو گذريل جي انهي مدي کان 10.4 سيڪڙو وڌيڪ ??هي.