اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آ??اد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڪشمير پريميئر ليگ ۽ راندين جي فروغ جي حوالي سان ليگ جي مثبت اثرن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، آ??اد ڪشمير ۾ انتظامي ڍانچي جي حوالي سان سڌارن واري ايجنڊا ۽ حڪومتي نظام ۾ شفافيت ۽ عوامي خدمتن کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن تي به ٻنهي اڳواڻن جي وچ ?? ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم عمران ان چيو ته فرق واضح آهي، جتي هڪ طرف آ??اد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عوامي ڀلائي جا قدم ۽ نوجوانن جي ذهني ۽ جسماني تربيت تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ راندين جي فروغ لاءِ عالمي سطح جي ڪرڪيٽ ل??گ منعقد ڪرائي وئي اتي ٻئي طرف ڀارتي گهيراءُ ۾ مظلوم ڪشميرين کي غيرقانوني ڀارتي گهيراءُ ۽ ظلم درپيش آهي.