اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي) 22 آگسٽ (اڄ) آچر ڏينهن سعودي عرب جي شهر جده ۾ او آءِ سي جو غيرمعمولي ايگزيڪيوٽو اجلاس طلب ڪيو آهي. اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل يوسف بن احمد العثيمين پ??ڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي کي ٻڌايو ته افغانستان ۾ تيزي سان تبديل ٿيندڙ صورتحال تي غور ڪرڻ جي لاءِ سفيرن ۽ مستقل نمائندن جو اجلاس ٿيندو. پ??ڏي??ي آفيس هڪ بيان ۾ چيو ته پ??ڏي??ي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته افغان پارٽيون هڪ ٺوس سياسي ح?? جي لاءِ ڪم ڪنديون. هن وڌيڪ چيو ته ڪابل ۾ ڳالهين جي ڪاميابي سان نه رڳو افغانستان پر خطي کي به فائدو ٿيندو. پ??ڏي??ي وزير افغان عوام جي ح??ن ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري جي لاء?? ضروري آهي ته اها افغانستان سان مصروف رهي جنهن ۾ ملڪي معيشت، نئين سر تعمير، بحالي ۽ ان??اني ضرورتن کي سپورٽ ڪرڻ شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته مسلمان امت جي لاءِ پرامن، متحد، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي ڳولا ۾ افغان عوام سان پنهنجي روايتي يڪجهتي ظاهر ڪرڻ به ضروري آهي. هڪ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوششن جي اهميت تي ڳالهائيندي پ??ڏي??ي وزير افغانستان جي ان??ر ۽ ٻاهر حالتون خراب ڪندڙن بابت خبردار ڪيو جيڪي ملڪ جي صورتحال جو فائدو کڻڻ چاهين ٿا. پ??ڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي افعانستان مان سفارتي مشنز، عالمي تنظيمن، ميڊيا ۽ ٻين ماڻهن جي نڪرڻ ۽ چرپر ۾ پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪابل ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿينديون جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٺوس ۽ حصيدار حڪومت ٺهندي جيڪا افغانستان ۾ پائيدار امن، ترقي ۽ خوشحالي آڻيندي.