اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته ڪورونا وب?? ۽ ماحولياتي تبديلي جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آ??ي، ڪورونا وب?? جي عالمي سطح تي روڪٿام لاءِ ويڪسينيشن جي عمل ۾ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪئي وڃي، پاڪستان ماحولياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آ??ي، پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو منصوبو شروع ڪيو آ??ي، اسان ??ي ڪورونا وب?? جي ٽئين لهر درپيش آ??ي، ان لهر کي به شڪست ڏينداسين، عالمي برادري کي اها ڳالهه يقيني بڻائڻ گهرجي ته ويڪسين هر جڳهه، هر ڪنهن جي لاءِ ۽ جلد کان جلد ستياب هجي، ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي رستي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ گهرجن، ترقي يافته ملڪ پيرس معاهدي تحت پنهنجا واعدا پورا ڪن، اسرندڙ ملڪن مان ??وري ٿيل اثاثا فوري ۽ غيرمشروط طور واپس ٿيڻ گهرجن، اسان ??ي گڏجي غيرمشروط طور هڪ نئين، پرامن، برابري ۽ پائيدار عالمي نظام جي لاءِ تعاون ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي ترقي جي لاءِ مالي مدد بابت اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل فورم جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.