اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هائوسنگ جي منصوبن ۾ قاعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ، غيرقانوني هائوسنگ اسڪيمن جا تفصيل لاڳاپيل ويب سائيٽ تي جاري ڪرڻ ۽ عوام کي انهن غيرقانوني هائوسنگ اسڪيمن ۾ خريد ۽ وڪري جي حوالي سان خبردار ڪرڻ جي لا??ِ آگاهي مهم ۾ تيزي آڻڻ سان گڏوگڏ لاڳاپيل قانونن ۾ ترميمن جي حوالي سان سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتي??ار اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس کي نيپرا پاران ڪنزيومر سروس مينوئل جي سمورين ڌرين ج?? مشاور?? کانپوءِ منظوري جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته تعميرات ۾ سهولتن جي فراهمي جي ڏس ۾ ڪنزيومر مينوئل ۾ گرڊ ايريا، لوڊ اسيسمن?? ۽ ??وڊ ڪيٽيگري ۾ بهتر ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت ترميمون ڪيون ويون آهن.