اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سينيٽ جي ??ون??ن لاءِ سياستدانن جي منڊيءَ لڳل آهي، 30 سالن کان سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ وڪرو ٿين ٿا، بلوچستان ۾ سينيٽ جي هڪ سيٽ جو اگهه 50 کان 70 ڪروڙ روپيا آهي، پنج سال اڳ مون کي سينيٽ ??ون??ن ۾ پ??سي جي آفر ٿي، پئسو لڳائي سينيٽر بڻجندڙ پئسو ئي ٺاهيندو، ماضي ۾ اوپن بيلٽ جو مطالبو ڪندڙ اڄ پنهنجي مطالبي کان ڇو پٺتي هٽي ويا آهن، ڳجهي ووٽنگ ۾ حڪومت کي مخالف ڌر کان وڌيڪ سيٽون ملي سگهن ٿيون، سينيٽ اليڪشن جيڪڏهن اوپن بيلٽ سان نه ٿي ته مخالف ڌر وارا روئندا، پي ڊي ايم چوري بچائڻ لاءِ يونين بڻيل آهي، روانگي واپار وڌڻ سان روپيو مضبوط ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار ڪلر سيدان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته سوال ته اهو آهي ڇا هتي سياستدانن جي ضمير جو سودو ٿئ?? ٿو يا نه، رشوتون ڏئي ضمير خريد ڪيو وڃ?? ٿو، ايم پي ايز ۽ سينيٽرز ملڪ جي قيادت آهن، رشوت ڏئي سينيٽر بڻجڻ ۽ ايم پي ايز جي ضمير وڪرو ڪرڻ جو سلسلو 30 سالن کان هلي رهيو آهي ۽ سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته ان ۾ سياسي قيادت کي به پئسو مل?? ٿو. وزيراعظم چيو ته مون کي پاڻ پنج سال اڳ سينيٽ جي ??ون??ن ۾ پ??سي جي آفر ٿي هئي جڏهن سياسي قيادت کي خبر آهي ته سينيٽ ??ون??ن ۾ پ??سو هل?? ٿو ته انهن ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي. ڇو ته اهي پاڻ پئسو ٺاهين ٿا ان لاءِ انهن ان سلسلي ۾ ڪجهه نه ڪيو، اها جمهوريت جي نفي آهي، جمهوريت ۾ اهو ڪيئن ٿي سگه?? ٿو ته پئسو لڳائي ڪو سينيٽر بڻجي وڃي، جيڪو پئسو لڳائي سينيٽر بڻجندو اهو پئسو ئي
ٺاهيندو.