اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو اهڙو طريقيڪار جوڙيو وڃي جنهن جو فائدو خاص طور تي غريب طب??ي ۽ پٺتي پيل علائقن کي ??لي، ان حوالي سان ٺوس منصوبو عملدرآمد جي مدي سميت پيش ڪيو وڃي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اوڳاڙين ??اري خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود ڪابينا کي سبسڊي ۽ گرانٽس جي طريقيڪار کي ??عقول بڻائڻ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ ڪابينا کي گذريل 13 سالن جي اوڳاڙين ۽ خرچن، س??سڊي ۽ گرانٽس جو تقابلي جائزو پيش ڪيو ويو.