اسلام آباد – 22 آڪٽوبر اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? ??ان سان پاڪستان جي ناميارن روانگي واپارين جي هڪ ??فد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن محمد حماد اظهر، سيد علي زيدي، فيصل واوڊا، صلاحڪارن عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار سيد ذوالفقار عباس بخاري، سنڌ جي گورنر ع??را?? اسماعيل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، ايف بي آر جي چيئرمين، اي او بي آءِ جي چيئرمين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ??فد ۾ اوورسيز انويسٽرز چيمبرز آف ڪامرس، پاڪستان بزنس ڪائونسل، آٽوموبيلز سيڪٽر، ٽينرز ايسوسيئيشن، هوزري، فشريز، گارمنٽس، فارماسوٽيڪل انڊسٽري، اسٽيل، ٽيڪسٽائيل ۽ ٻين صنعتن سان لاڳاپيل مشهور ڪاروباري شخصيتون شريڪ هيون. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ??فد روانگي واپار ۾ اضافي جي حوالي سان حڪومتي پاليسي ۽ قدمن تي وزيراعظم ۽ سندس معاشي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو، ??فد وزيراعظم کي ٻڌايو ته حڪومتي پاليسين جي نتيجي ۾ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ معاشي عمل ۾ تيزي آئي آهي.