اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن دهشتگردي جي ٻن بزدلاڻن واقعن ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت ۽ شهيدن جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئ?? آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجون دعائون ۽ سموريون همدرديون گذريل ڏينهن دهشتگردي جي بزدلاڻي ڪاررواين ۾ شهادت ماڻيندڙ 6 فوجي جو??نن سميت 20 اهلڪارن ۽ انهن جي وارثن سان آهن، پوري قوم پنهنجي فوج جي پٺيان بيٺل آهي جيڪا پاڪستان جي دفاع ۽ ان جي سلامتي لاءِ پنهنجي جانين ??و نذرانو پيش ڪري رهي آهي.